ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) وڌندڙ مھانگائي، پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي اگھن ۾ واڌ ۽ آءِ ايم ايف جي ظالماڻين معاشي پاليسين خلاف ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي سڏ تي کاٻي ڌر جي تنظيمن پاران اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شھر جي مختلف ھنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب حيدرآباد پھتي، ريلي جي اڳواڻي عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلھو، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ تاج مري، پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو جي اڳواڻ حسنين شاھھ، سرمد راڄپر، عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ ستار سرڪي، پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي جي افتخار بلوچ، مزدور ڪسان پارٽي جي پيرل آزاد ۽ ٻين ڪئي، ريلي ۾ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ سوين ڪارڪنن جي ھٿن ۾ پارٽين جا جھنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا ۽ ھو پيٽرول، گئس، بجلي جي اگھن ۾ واڌ ۽ مھانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ ملڪ جي معاشي زوال ۽ مھانگائي کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي گھرجي ته ڪيپيسٽي پيمنٽ کي روڪي، سڀني آئي پي پيز جي اور چارجنگ جو آڊٽ ڪري ۽ کين انھن معاھدن تي ٻيھر ڳالھيون ڪرڻ تي مجبور ڪري، گئس، بجلي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ گھٽتائي ڪري، کنڊ، ڪڻڪ ۽ زرعي ڀاڻ جي ذخيرہ اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اسمگلنگ کي روڪيو وڃي، ريئل اسٽيٽ ڊولپرز کان زمينون واپس وٺي ڪچي آبادي جي رھواسين پورهيتن ۾ ورھائي جاگيردارن کان زمينون کسي ھارين کي ڏنيون وڃن، هنن چيو ته سرمائيدارن کي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جي لاءِ تيل جي اگھن ۾ واڌ ڪئي وڃي ٿي، حڪمران طبقا غريب، مسڪين، مظلوم طبقن ۽ قومن جو رت چوسيندا رھيا آھن، خانپور مهر ۾ احتجاج جي اڳواڻي ڪامريڊ بادل ملڪ، محمد خان شر،ڊاڪٽر محمد نواز سمون، عبدالقادر مهر، زاهد شر، سجاد سومرو، نهال سنڌي ۽ ٻين ڪئي، وارهه ۾ ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي مرڪزي سڏ تي کاهوڙي ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، شير چانڊيو، عرفان منان، نياز حيدري، ڪامريڊ برڪت سوڍر، آفتاب همت، عارب تنيو، عمران ابڙو، سهراب چانڊيو ۽ ٻين گڏ ٿيل عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته مهانگائي، بي روزگاري ۽ لاقانونيت پورهيت طبقي جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، وقت جي سرڪار هٿ وٺي عوام دشمن ڪردار ادا ڪندي پئي اچي، روز روز پئٽرول ، بجلي اگھ چاڙھي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي پئي وڃي ،هوڏانهن پيٽرول سميت ٻين شين جي وڌندڙ قيمتن خلاف شھدادڪوٽ واسي به اٿي کڙا ٿيا،شھر جي مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن الڳ الڳ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا، عوامي ورڪر پارٽي جي ڪارڪنن ڪامريڊ عرس سيلرو ۽ ڪامريڊ ستار مڱڻھار جي اڳواڻي ۾ ليبر ھال کان ۽ شھري جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي ڪارڪنن ڪامريڊ نصير سيلرو ۽ محمد عمر عطاري جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ کان احتجاجي مظاهرا ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻا ھنياجتي مھانگائي جي ماريل عوام پيٽرول، گئس، بجلي ۽ ٻين شين جي اگھن ۾ واڌ ۽ مھانگائي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي سبب اڳ ئي غريب عوام ھڪ ويلي ماني لاء پريشان آهي مٿان وري نگران حڪومت جي عوام دشمن پاليسين ويتر غريبن جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي، نصيرآباد۾ کاهوڙي ڪامريڊ سينگار نوناري ابراهيم چانڊيو، عنايت تنيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،خيرپور ناٿن شاهه ۾ اي جي پي پاران خادم حسين سوڍر، وڪيل اسحاق گاڏھي، وڪيل غلام مصطفي چانڊيو، نذير ڀٽي، سھيل چانڊيو، محمد خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مھانگائي خلاف ڪميونٽي سينٽر کان علمدار چوڪ تائين ھٿن ۾ پلي بينر ڪارڊ کڻي احتجاج مظاھر ڪري مھانگائي خلاف نعري بازي ڪئي،ڪنڌڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳوڻ آصف کوسو،گل حسن ٻپڙ عوامي ورڪر پارٽي اڳواڻ حميد کوسو سعيد کوسو فاروق نائچ ڪامريڊ نيڪ صدام جميل ايس ايس ٽي اڳواڻ صدام سراج ٻپڙ ايس بي ٽي جي وقار ٻپڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي،هوڏانهن سکر ۾ غريب عوام پارٽي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف موٽر سائيڪل جو علامتي جنازو رکي احتجاج ڪيو جنهن جي قيادت وقار علي سومرو ڪئي جڏهن ته شهيد دودو سومرو ويلفيئر آرگنائيزيشن سکر ضلعي صدر عبدالقادر سومرو اصلاح الدين شيخ، نذير احمد، عبدالڪريم، مزمل ابڙو ۽ ٻين چيو ته حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم پيٽروليم شين جي اگھن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏيندي سخت مذمت ڪندي چيو آھي تھ نگران حڪومت ڏکين حالتن ۾عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ وڌيڪ مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ڌڪي ڇڏيو آهي، غربت ماريل عوام بک ۽ بدحالي سبب خودڪشيون ڪري رھيو آھي پر ظالم حڪمرانن کي ڪابھ پرواهه ناھي.