اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته تيل جي اگهن ۾ واڌ وچولي طبقي جي پيٽ ۾ خنجر هڻڻ جي برابر آهي، عوام ڪيترو وقت حڪمرانن جي نااهلي جي ور چڙهيل رهندو، هن ته توهان(حڪمران) آمدني کان وڌيڪ خرچ ڪيو ۽قيمت عوام ادا ڪري، ڇو؟ خزاني ۾ پئسو عوام جي محنت سان گڏ ڪيو ويندو آهي هن چيو ته خزاني مان پئسا وٺڻ جو رويو مال مفت دل بي رحم جهڙو آهي، ڪجهه ته خدا کان ڊڄو. حڪومت جي نااهلي سان عام ماڻهو کي جيئڻ جي حق کان محروم نه ڪيو وڃي