لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي ۽ حڪومتي ڀتو وٺڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته مهانگائي خلاف عوامي رد عمل کي روڪڻ هاڻي ممڪن ناهي. ڏوهارين جي ٽولي کي اندروني امن کي باهه ڏيڻ ۽ انتشار ۽ افراتفري جي راهه هموار ڪرڻ بجاءِ فوري چونڊون ڪرائڻ گهرجن ۽ اقتدار چونڊيل حڪومت کي منتقل ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هي تازو اضافو مهانگائي جي تباهي واري لهر کي تيز ڪندوعوام جي قوت خريدکي ختم ڪرڻ کان پوءِ اهو اضافو ملڪ ۾ گهرو ويڙهه کي هٿي وٺرائڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل سازش نظر اچي ٿو.اميد هئي ته انوارالحق ڪاڪڙ ڏوهارين جو وارث بڻجڻ بدران بهتر رستو اختيار ڪندو پر نگران حڪومت هر طرح سان پي ڊي ايم جي مجرماڻي حڪومت جي توسيع ۽ تسلسل آهي.