ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي نگران حڪومت پاران ڏيڍ مهيني ۾ ٽيون ڀيرو پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي شديد مذمت ڪندي ان عمل کي عوام جي وات مان ماني جو آخري گرهه کسڻ برابر قرارڏيندي چيو آهي ته نگران حڪومت جو اصل ڪم صاف شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار عوامي نمائندن کي منتقل ڪرڻ آهي، پر هي پنهنجو اصل ڪم ڪرڻ بدران ٻيا سڀئي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو عمل آئين کان انحراف ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال آهي، تيل اگهن ۾ ڦير ڦار جو کين هرگز مينڊيٽ حاصل ڪونهي، هن چيو ته عوام کي بغاوت تي مجبور ڪيو پيو وڃي، بي رحم اشرافيه پنهنجون مراعاتون ختم ڪري، حڪومت مُفت پيٽرول، مُفت بجلي، مُفت گيس سميت ججز، جرنيلن، سياستدانن ۽ افسرشاهي جون سهولتون ختم ڇو نٿي ڪري؟ عوام ڪيسيتائين هي ظلم برداشت ڪندو رهندو. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عوام جي سواري موٽرسائيڪل وارن کي اڄ پيٽرول پمپ تي 50 يا سئو جو پيٽرول به نٿو ملي، عوام مهانگائي کان تنگ ٿي ٻچن سميت آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهي، ظالم، سفاڪ ۽ بي رحم حڪمران عام ماڻهوءَ کي قبر تائين پهچائي ڇڏيو آهي، ڪڏهن بجلي، ڪڏهن گيس جي اگهن ۾ اضافو ته ڪڏهن کنڊ، اٽي ۽ هر 15 ڏينهن بعد پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل بڻايو پيو وڃي، هن ملڪ ۾ سولين حڪومت هجي يا آمريت، عوامي فلاح لاءِ ڪير به نٿو سوچي، سڀئي پيڪجز سرمائيدارن ۽ اشرافيه لاءِ آهن. محمد حسين محنتي نگران حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪيو ته پيٽرول توڙي ڊيزل جي اگهن ۾ ڪيل اضافو في الفور واپس وٺي ٻي صورت ۾ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي گورنرهائوسز کان بعد اقتدار جي اصل مرڪز اسلام آباد ۽ پنڊي طرف مارچ ڪرڻ تي مجبور هوندي.