ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته صوبي جي سڀني شھرن ۾ ترقي، روزگار جي اھميت جي حوالي سان ڪڏھن به نا انصافي نه ٿيڻ ڏينداسين. ھن اها ڳالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. هن وفد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي منھنجو شھر آھي ۽ سنڌ صوبي جي سڀني شھري علائقن ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاھ، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي جو مناسب خيال رکيو ويندو. ايم ڪيو ايم وفد ۾ ڊاڪٽر خالد محمود صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ملاقات دوران عام چونڊن سميت گڏيل صورتحال تي ڳالهھ ٻولهھ ڪئي وئي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول جسٽس (ر) مقبول باقر کي ٻڌايو ته نگران وڏي وزير لاءِ سندس نالو تجويز ڪرڻ تي اطمينان ۽ حمايت جو اظهار ڪيو هو. وڏي وزير سندن ٿورا مڃيندي چيو ته هو بنا ڪنهن فرق جي سڀني جي خدمت ڪندو. وفد شهري علائقن جو مسئلو اٿاريو جنهن تي هن شهري علائقن جي مسئلن جي حل لاءِ ذاتي طور تي ڌيان ڏيڻ جو يقين ڏياريو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت جو بنيادي ڪم آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مدد ڪرڻ آهي. ايم ڪيو ايم جي وفد شهر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائم جو معاملو اٿاريو، وڏي وزير چيو ته هن سٽي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته هو اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻڻ لا۽ گشت وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڊرگ مافيا خلاف ڪارروايون جاري آهن. جسٽس باقر چيو ته پوليس سميت انتظاميه ۾ وڏي ڦير ڦار ڪئي وئي آهي.