شهدادڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري 34 ورھين جي نوجوان کي قتل ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا، واقعو   لانگاھ مارڪيٽ ڀرسان پيش آيو آهي جتي ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي واري ھنڌ تي موجود شھرين نوجوان کي روڊ تي تڙپندو ڏسي رڪشا ۾ اسپتال کڻائي آيا پر ان کان اڳ نوجوان زندگي جي جنگ ھارائي ويٺو، مقتول جي سڃاڻپ سندس کيسي ۾ پيل شناختي ڪارڊ ذريعي نبي بخش ولد عسيٰ طور ظاهر ٿي آهي جيڪو بلوچستان جي تعلقي گنداخا جو رھواسي آهي، ٻي پاسي اطلاع تي پوليس پھچي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪارڻ توڙي جوابدارن بابت پتو پئجي نه سگھيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.