حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي تيل جي وڌايل قيمتن کي رد ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته پيٽروليم جون وڌايل ناجائز قيمتون واپس ورتيون وڃن، آءِ ايم ايف جي ھدايت تي حڪومت معاشي دھشتگردي ڪري رھي آھيم ھارين، مزدورن ۽ پورھيتن جو معاشي قتلام بند ڪيو وڃي جيڪڏھن حڪومت مھانگائي جي باھ کي نه روڪيو ويو ته ملڪ ۾ انارڪي وڌندي، ماڻھو رستن تي ايندا، ڏوھ وڌندا، اياز لطيف پليجي چيو ته مھانگائي ڪري عوام کي ڪنگال ڪرڻ سان ملڪ ھرگز ترقي نه ڪندو، ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو، گڊ گورننس قائم ڪرڻي پوندي، اسان وٽ اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙن کان ڪير حساب نٿو وٺي ۽ ھڪ بلب ۽ ھڪ پکو هلائيندڙ بجلي جي عام صارف کي باقيدار بڻائي پوليس پڪڙي جيلن ۾ وجھي رھي آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته غريب عوام کي ديوار سان لڳايو ويو آھي، ڏھاڙيدار پورھيت، ريڙھو ھلائيندڙ، مزدور، ھاري، ننڍي ملازمت ڪندڙ ماڻھو مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيا آھن، پورھيت ماڻھو تيزي سان غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيا آھن، ڪڏھن 25 روپيا تہ ڪڏھن 30 رپين جي حساب سان پئٽرول، ۽ ڊيزل جون قيمتون ھر ھر وڌايون پيون وڃن جنھن ڪري مارڪيٽ ۾ ھر شئي مھانگي ٿي وئي آھي، اٽو، چانور ۽ کاڌي پيتي جو ٻيو سامان آسمان تي پھچي ويو آھي، ماڻھن لاءِ 2 وقت جي ماني مشڪل ٿي وئي آھي پر وڏي بيحسي آھي جو حڪمرانن کي ذري برابر به عوامي تباھي ۽ بربادي جو احساس ناھي.