ڪچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جو فيصلو

لاڙڪاڻو (ڊ ر) ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي حوالي سان ڊي آءِ جي آفيس لاڙڪاڻو ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻ  جاويد سونهارو جسڪاڻي ۽ رينجرز جي برگيڊيئر سميت لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيندي ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس بيسٽ آپريشن ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز، پاڪ فوج ۽ ڳجها ادارا به شامل آهن، ڏوهارين خلاف آپريشن ڪچي جي علائقن کان علاوه پڪي ۾ به بنا ڪنهن فرق جي شفاف ٿيندو ان لاءِ ضلعي سطح تي هڪ ٽاسڪ فورس جوڙيو ويندو جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ انٽيليجنس ايجنسيز به شامل آهي، آپريشن جي رٿابندي ٽاسڪ فورس سان ملي ڪئي ويندي، آپريشن جي پوري عمل جي سربراهي پوليس ڪندي جڏهن ته باقي ادارا پوليس جي مدد ڪندا ۽ تمام جلد اهڙو آپريشن پڻ شروع ڪيو ويندو ته جيئن ڪچي مان مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرائي امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.