اسلام آباد (اي پي پي) سڌ سماءُ بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ براڊ ڪاسٽنگ جو منظرنامو بدلجي رهيو آهي، ريڊيو پاڪستان ڊجيٽل مائيگريشن جي ڊگهي سفر ۾ ڪيترائي اهم سنگ ميل عبور ڪيا، ريڊيوپاڪستان مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن باوجود استقامت سان ترقي جو سفر جاري رکيو. اهڙو اظهار هن ڪالهه هالينڊ جي گادي واري هنڌ ايمسٽرڊيم ۾ ريڊيو ريسورس ڪنٽرول اينڊ مينيجمينٽ جي موضوع تي رٿيل عالمي ڪانفرنس کي زوم ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ ريڊيو پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو سفر جاري آهي، ريڊيو پاڪستان پنهنجي سمورن آرڪائيوز کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، هن چيو ته اسان ريڊيو پاڪستان جي نشريات کي عالمي معيار موجب بڻائڻ لاءِ ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي طرف وڃي رهيا آهيون، هن چيو ته هن تاريخي ڪارنامي سان ريڊيو پاڪستان جا 76 سالن جو شاندار ۽ تاريخي سفر جي هڪ نئين باب ۾ اضافو ٿيندو.