گهوٽڪي ڀرسان ساوند، سندراڻي تڪرار تان نوجوان قتل

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ڀرسان  ساوند سندراڻي تڪرار تان مهرگروپ اڳواڻ جو نوجوان ڀائيٽو گوليون هڻي قتل، آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ  رئيس يار محمد ساوند ۾ ٻيلي مان ڪاٺيون ڪرڻ ويل مهر گروپ اڳواڻ حاڪم علي ساوند جي نوجوان ڀائيٽي 25  سالن جي نياز علي ساوند ولد غلام مصطفيٰ ساوند کي چئن موٽرسائيڪلن تي سوار سندراڻي زات جي هٿياربندن پاران گوليون هڻي ٿڏي تي ئي قتل ڪيو ويو واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، وڏي انگ ۾ ساوند برادري جا ماڻهو واقعي واري هنڌ پهتا، مقتول نياز علي ساوند جو لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، نوجوان نياز علي ساوند سعودي عرب ۾ روزگار ڪندو هو ڪجهه مهينا اڳ سعودي عرب مان موڪل تي واپس آيو هو سندس چار مهينا پهريان شادي ٿي هئي، مهر گروپ اڳواڻ حاڪم علي ساوند جو چوڻ هو ته اسانجو ساوند سندراڻين جي ڪارنهن تڪرار سان ڪو به تعلق نه هو ظالمن ناحق نوجوان ڀائٽي کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.