ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آئي سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سنڌ اسمبلي حليم عادل شيخ کي سينٽرل جيل ڪراچي مان ميمڻ ڳوٺ ۾ داخل ٿيل ايف آئي آر ۾ پيش ڪيو ويو گذريل ڏينهن عدالت حليم عادل شيخ جي لک روپين ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي اڄ عدالت کيس ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي ڪيس ۾ ضمانت جي شورٽي جمع ٿيڻ تي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو جڏهن ته حليم عادل شيخ ٻين ڪيس ۾ جيل ڪسٽڊي هجڻ ڪري کيس سينٽرل جيل ڪراچي واپس اماڻيو ويو. ملير جي عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته هر روز ڪنهن نه ڪنهن ڪيس ۾ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ٿو وڃي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي. حليم عادل شيخ چيو ته بلاول زرداري ليول پلائنگ فيلڊ جي ڳاله ڪئي آهي جڏهن ته پاڻ پي ڊي ايم حڪومت جو مکيه حصو رهيا آهن سمورين پارٽي وٽ هن وقت ليول پلائنگ فيلڊ موجود آهي ناهي ته صرف پي ٽي آئي وٽ ناهي هن چيو ته بلاول کي ليول پلائنگ فيلڊ تڏهن ياد ايندي آهي جڏهن ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويندو جڏهن ته ڪرپٽ آفيسرن کي هٽايو ويندو آهي کيس غلام آئي جي ۽ چيف سيڪريٽري گهرجن ٿا هن چيو ته بلاول به سياسي فاتحاھون ڪرڻ تي نڪتل آھي بلاول اتي وڃو جتي ڪتي جي ويڪسين نه ملڻ تي ٻارڙا مري ويا ٿر ۾ هزارين ٻار مري ويا اتي وڃو، سنڌ جو عوام سجاڳ ٿئي پيپلزپارٽي کان ڏھ هزار ارب جو حساب وٺي. هن چيو ته آپريشن کان پوءِ پيپلزپارٽي سنڌ ڪارڊ کڻي رڙيون ڪندي، پهرين پڪي جي ڌاڙِيلن انهن جي سرپرستن کان شروع ٿيڻ گهرجي.