ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صحت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ سوشل ويلفيئر واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز ڊينگي ۽ مليريا خلاف گهر گهر مڇر مار اسپري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. مهم جو افتتاح ڊي ايڇ او ڏکڻ جي آفيس کان شروع ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جو صحت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر منصور عباس رضوي پڻ صحت واري وزير سان گڏ هو. افتتاح کان اڳ ڊي ايڇ او ڏکڻ ڊاڪٽر راجڪمار ۽ ڊائريڪٽر ويڪٽر بورن ڊيزيز سنڌ ڊاڪٽر مشتاق شاهه شرڪت ڪندڙن کي مهم بابت آگاهه ڪيو. افتتاحي تقريب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو ته ڊينگي بابت عام راءِ آهي ته اسپري ڪرڻ سان ڪو به فائدو ناهي، پر ايئن قطعي ناهي. هن سال هن وقت تائين ڊينگي سبب متاثر ماڻهن جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي ۽ خوشي ۽ اطمينان واري ڳالهه اها آهي ته هن وقت تائين سڄي سنڌ ۾ ڊينگي سبب هڪ به فوتگي ناهي ٿي. هن چيو ته ڊينگي ۽ مليريا جا سيپٽمبر کان نومبر جي مهينن ۾ وڌڻ جو امڪان هوندو آهي تنهن ڪري گهر گهر اسپري مهم جي باقاعدگي سان شروعات ڪري ڇڏي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ مليريا وڌيڪ عام آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ڊينگي وڌيڪ ٿئي ٿو، نگران صحت واري صوبائي وزير چيو ته پان، گٽڪي، سپارين، نسوار، سگريٽ ۽ تمباڪو جي استعمال سان وات جي ڪينسر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر خبرن ۾ ان مسئلي کي ڪا خاص اهميت نه ملي رهي آهي، جنهن لاءِ ميڊيا کي به خاص ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر سعد خالد چيو ته هڪ روبوٽڪ سرجري تي 6 لک رپيا خرچ اچي ٿو جيڪو تمام گهڻو آهي ان ڪري منهنجي نظر ۾ روبوٽڪ سرجري تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ فضول آهي، ان ڪري ڊپارٽمينٽ کي وڌيڪ روبوٽڪ مشينون خريد ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.