ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي) ڪشمور مان اغوا ٿي ويل مغوي ساگر ڪمار کي ڪشمور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، ايس ايس پي روحل کوسو طرفان ھندو پنچائت ۽ مغوي جي وارثن کان ورتل 48 ڪلاڪن جي مھلت ختم ٿي وئي، ڌاڙيلن پاران مغوي کي فون ڪري پنج ڪروڙ رپيا ڀنگ جي رقم طلب ڪئي وئي آهي، رابطو جاري رکڻ لاءِ پنج سئو ايزي لوڊ جا موڪلڻ لاءِ سندس ڀاءُ کي فون ڪندي تنبيھ ڪئي، ڪشمور پوليس ۽ سردارن جي چوڻ ۾ نه اچو ڀنگ جي رقم ڏيو مغوي ساگر وٺو، ساگر جي ڀاءُ کي فون ڪال ذريعي ڌاڙيل ٻڌايو ته توهان پوليس ۽ سردارن جي آسري ٿا ھلو جيسيتائين ڀنگ جي رقم نه ملندي تيستائين مغوي ساگر ڪمار آزاد نه ٿيندو موبائل تي ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ ساگر ڪمار جي ڀاءُ نامعلوم ڌاڙيل کي جواب ڏيندي چيو ته غريب پورهيت آهيون ايترا پئسا ناهن، ٻچڙي کي آزاد ڪيو وڃي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت سنڌ ۾ ڌرڻن ۽ ايس ايس پي امجد شيخ، ايس ايس پي روحل کوسو جي خاطرين باوجود ساگر ڪمار آزاد نه ٿي سگهيو.