نگران سرڪار معدنيات جي وڪري لاءِ سندرا ٻڌي ورتا

ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر)ڪارونجهر جي پهاڙن سميت سنڌ جي مدنيات جي کوٽائي ۽ وڪرو لاءَ سنڌ جي نگران حڪومت سندرو ٻڌي  ڇڏيو، وسيلن جي نيلامي بابت پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ 28 رڪني اعلي سطح ڪميٽي قائم، سنڌ جي نگران حڪومت ٿر جي وادي ڪارونجهر جي خوبصورت پهاڙن جي کوٽائي ۽ وڪرو ڪرڻ بابت هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌرو ٻڌي ڇڏيو آهي، سنڌ جي مدنيات جي کوٽائي ۽ وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم جي حڪم تي سروس جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي طرفان گذريل ڏينهن 14 سيپٽمبر 2023 تي هڪ نوٽيفڪيشن نمبر  4/48/2023 جاري ڪيو آهي جنهن تحت سنڌ جي مدنيات جي کوٽائي ۽ ان جي قومي مفاد ۾ نيلامي بابت هڪ اعليٰ سطح 28 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ منس اينڊ منرل کاتي جي ڊي جي کي چئرمين ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر رفيق احمد لاشاري کي وائس چئرمين مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ميمبرن ۾ ڊاڪٽر محمد حسن اگهم، ڊاڪٽر فهد عرفان صديقي، ڊاڪٽر عبدالغفار ميمڻ،ڊاڪٽر اصغر علي ڏهر،ڊاڪٽر شڪور مستوئي، ڊاڪٽرساجد حسين سيال، ڊاڪٽرعبدالفتح سومرو، انجيئر مصطفي محاالدين،رياض حسين راڄپر،افضل جمال،محمد سومار سميٽيو، ڊاڪٽر سجو مل مينگهواڙ،ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي، ڊاڪٽر شادي خان، اعجاز علي هاليپوٽو، منس اينڊ منرل کاتي جا اعلي آفيسر پڻ شامل آهن، قائم ڪميٽي جي چئرمين غيرموجودگي ۾ وائس ڇئرمين ڪميٽي جي صدارت ڪندو ڪميٽي سنڌ ۾ مدنيات جي وسيلن جي قومي مفاد ۾ کوٽائي ۽ نيلامي بابت پنهنجيون سفارشون گڏ ڪندي، قائم ڪيل ٽاڪس فورس معدنيات کاتي جي سفارش تي چيف سيڪريٽري معدنيات جي ڳولا ۽ سيڙپڪاري مقصدن لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏيو، ٽاسڪ فورس ڪوئلي کان سواءِ سنڌ ۾ معدنيات جي جامع ڳولا ۽ کاڻن جي کوٽائي توڙي سيڙپڪاري فريم ورڪ تي ريسرچ ڪري جامع فررم ورڪ جوڙيندي ۽سيڪيورٽي معاملن ۽ توڙي مقامي قبائلي اڳواڻن پاران رنڊڪن ۽ رڪاوٽن ۾ ملوث هجڻ جو به جائزو وٺنديورتو ويندو.

نگران حڪومت کي ڪارونجهر وڪڻڻ جو ڪو به اختيار ناهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سنڌ جي زمينن تي قبضن، قومي وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ ڊجيٽل آدمشماري، رياست ۽ سردارن  جي سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ، ڳاٽو ڀنڃندڙ مھانگائي ۽ پاڻي تي ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ 17 سيپٽمبر تي ٺٽي شھر ۾ اعلانيل ”سنڌ جو قومي وجود ۽ وسيلا بچايو“  احتجاجي ريلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ريلي ۾ ٺٽي ضلعي جي آس پاس جي علائقن جون هزارين عورتون، مرد، ٻارڙا، ٻڍا ۽ نوجوان شرڪت ڪندا. مڪلي کان ريلي نڪرندي جيڪا ٺٽي شھر تائين پهچندي جتي وڏو عوامي جلسي عام ڪيو ويندو. ٺٽي ۾ نڪرندڙ ريلي لاءِ جوڙيل تياري ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نوراحمد ڪاتيار، حورالنساءَ پليجو، عبدالقادر رانٽو، مٺا خان لاشاري ۽ گهنور خان زنور چيو ته سنڌ جي معدنيات کاتي جي نگران  وزير خدا بخش مري کي ڪارونجھر سميت سنڌ جي ڪنھن به ثقافتي ۽ تاريخي ماڳ کي وڪڻڻ جو ڪو به آئيني اختيار ناهي. نگران حڪومت جو ڪم آئين مطابق صاف شفاف ۽ غير جانبدارانه اليڪشنون ڪرائڻ آهي. ڪارونجهر، ڪينجهر، هاليجي، ڀنڀور، مڪلي، موهن جو دڙو سنڌ جي سڃاڻپ آهن. معدني وسيلا سنڌي قوم جي گڏيل قومي ملڪيت آهن پر حڪومت طرفان ترقي جي نالي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ قومي وسيلن سان ھٿ چراند ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آھي. اڳواڻن چيو ته تيل جي قيمتن ۾ روزاني ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. هنن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ کي ورهائڻ ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو مطالبو ملڪ جي سالميت کي نقصان پهچائڻ برابر آهي. ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جھڙا بيان ڏيندڙن خلاف غداري جا ڪيس هلايا وڃن. اڳواڻن چيو ته زرعي انقلاب جي نالي ۾ ٺٽي، سجاول، بدين، دادو، ڄامشوري سميت ٻين ضلعن جون لکين ايڪڙ زمينون ٻين ملڪن کي وڪرو ڪيون پيون وڃن. اڳواڻن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي ته سنڌ جو گھڻ طرفو گھيرو ڪيو ويو آھي، سنڌي قوم جو وجود ۽ وسيلا خطري ۾ آھن، جن کي بچائڻ لاءِ پرامن جمھوري جدوجھد ڪرڻ لاءِ سنڌ جا ڪروڙين گھڻگھرا پرامن جمھوري جدوجھد ڪري پنھنجو قومي ۽ تاريخي فرض ادا ڪن. 17 سيپٽمبر تي هزارين مرد ۽ عورتون گڏ ٿي سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڀرپور آواز اٿاريندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.