بجلي اگهن بابت عوام جي شڪايتن جو ازالو ٿيڻ گهرجي: بلاول

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پي پي پي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن ڪالهه بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس بجلي جي قيمتن بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو، ملاقات  جي موقعي تي پيپلزپارٽي جي عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپور به موجود هئي. پي پي پي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آزاد ڪشمير 27 سئو ميگاواٽ بجلي پاڻي مان پيدا ڪري رهيو آهي، وادي جي عوام جو حق آهي ته کين سستي بجلي مهيا ڪئي وڃي، آزاد ڪشمير جي عوام جي ضرورت 370 ميگاواٽ بجلي آهي، مهانگي بجلي تي وادي جي عوام سراپا احتجاج آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام جي بجلي جي قيمتن بابت خدشن جو فوري طور ازالو ٿيڻ گهرجي، هن مطالبو ڪيو ته توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ پاڻي مان وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ جي 4 هزار ميگاواٽ جي منصوبن کي فوري شروع ٿيڻ گهرجي، پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير حڪومت اندر رهي عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪندي. هوڏانهن بلاول ڀٽو زداري سان پيپلزپارٽي آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر ياسين ملڪ، جنرل سيڪريٽري فيصل راٺوڙ پڻ ملاقات ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.