چين ۾ پرڏيهي وزير کانپوءِ دفاع وزير به غائب، ڪرپشن الزام ۾ هٽائڻ جا اطلاع

بيجنگ(م ڊ) هڪ آمريڪي سفارتڪار چين جي دفاع واري وزير لي شانگفو جي منظرعام تان غائب ٿيڻ جي باري ۾ سوال اٿاريو آهي، دفاع وارو وزير ٻن هفتن کان عوام سامهون ناهي آيو،ان سان انهن اندازن کي هوا ملي رهي آهي ته چين بدعنواني   خلاف مستقل قدم کڻي رهيو آهي، اهي به افواهه اهن ته کيس بدعنواني جي ڪنهن ڪيس ۾ سائيڊ لائن ڪيو ويو آهي، چين پاران في الحا ان حوالي سان ڪو ردعمل سامهون ناهي ايو، دفاع وزير کان اڳ به ڪيترن ئي اعليٰ چيني فوجي آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو اهي، ڪجهه مهينا اڳ چين جو پرڏيهي وزير جن گانگ به ان طرح سان اوچتو منظرعام تان غائب ٿي ويو هو، بعد ۾ جولاءِ ۾ هن جي جاءِ تي هڪ ٻئي شخص کي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو، چيني فوج ۾ ڪرپشن جون ڳالهيون آگسٽ جي مهيني ۾ ئي شروع ٿي ويون هيون، هن وقت چين پنهنجي فوج جي راڪيٽ فورس جي ٻن سينئر جنرلن کي تبديل ڪري ڇڏيو هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.