تڪراري چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي دور جي پڄاڻي

اسلام آباد(م ڊ) تڪڙا فيصلا، پارليامينٽ پاران پاس ڪيل قانون سازي کي رد ڪرڻ جي روايت، پنهنجن فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪامي ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ واضح تقسيم.قانوني ماهرن موجب اهي چند حقيقتون  آهن جيڪي پاڪستان جي 28هين چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي ملڪ جي ’تڪراري‘ چيف جسٽسن جي لسٽ ۾ شامل ڪن ٿيون.پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين هارون الرشيد جو چوڻ آهي ته سندس دور ۾ اعليٰ عدليه ۽ خاص ڪري سپريم ڪورٽ جي ججن جي وچ ۾ واضح ورهاست هئي، جيڪا سندس رٽائرمينٽ تائين برقرار رهي ۽ ان ورهاڱي جي ڪري بينچون ٺهي ويون،اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو نه هو ته فيصلو ڇا ٿيندو،اڳوڻي حڪمران اتحاد پي ڊي ايم ڪيترن ئي موقعن تي الزام لڳايو ته چيف جسٽس هڪ خاص سياسي پارٽي ڏانهن جهڪاءُ رکي ٿو ۽ ان پارٽي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ آئوٽ آف وي فيصلا ڏئي ٿو، جسٽس عمر عطا بنديال 2 فيبروري 2022ع تي چيف جسٽس جي عهدي جي چارج ورتي ۽ هو هڪ سال ست مهينا ۽ چوڏهن ڏينهن تائين ان عهدي تي رهيو.قانوني ماهر شاهه خاور جو چوڻ آهي ته ان کان وڌيڪ ته ججن جي وچ ۾ اها به تقسيم ٿي سگهي ٿي ته جسٽس عمر عطا بنديال جي دور ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود بينچ ۾ هڪ ڀيرو به شامل نه هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.