نظام تبديل ٿيڻ گهرجن ان ڪري جو سسٽم پاڻ ڪرپٽ ناهن هوندا پر انهن کي هلائڻ وارا پنهنجي مرضيءَ سان هلائي پنهنجا مفاد رکي پنهنجا فائدا وٺي ويندا آهن پوءِ وقت گذرڻ سان هڪٻئي کي ويٺا چور ۽ ساڌو ثابت ڪندا.
القادر يونيورسٽي ضروري هئي، نه هئي، ان جا 190 ملين پائونڊ مني لانڊرنگ، ڪرپشن جي ڦيري ۾ آڻڻ ڇو ضروري هيا، ان يونيورسٽيءَ جو چارٽر اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي پئي سگهيا، توشاخانا جا تحفا ڏسي تِرڪِي پيا، جيڪي به تحفا هيا اهي انهن گهر ۾ رکي ڇڏيا، پارٽيءَ جي هلائڻ ۽ جهنڊن ۽ لغڙين جي لاءِ هنن فارين فنڊنگ ڪئي، پ پ وارن تي ڪرپشن جون ڪهاڻيون ختم نه ٿيون ٿين (کڻي ثابت به نه ٿين)، ريڙهي وارن جي اڪائونٽن کان وٺي هنن پ پ وارن جا سڀ وزير ۽ مشير به ڪروڙ پتي ٿي ويا پر عوام اهو ئي غريب، جيڪي به سياسي پارٽيون آهن انهن جو سلوگن ئي اهو آهي ته ”کون بني گا کروڙ پتي“ پوءِ جيڪو به غريب غربو جي معمولي ڪارڪن به هجي ٿو اهو حج عمرا به ڪري ٿو وڃي، جيڪو به سياست ڪري ٿو اهو اڏجي ٿو وڃي، ان ڪري سياست سڀني جي هڪجهڙي آ، ڇو ته جنهن جا به ويسٽيڊ انٽريسٽ به هڪجهڙا هجن ٿا، اهي رڳو سڄو ڏينهن انهن پارٽين جي لاءِ هوم ورڪ ٿا ڪن اهي انهن پارٽين جا جهنڊا پنهنجي گهرن جي مٿان، گاڏيءَ جي مٿان هڻي به پنهنجي مٿان ان پارٽيءَ جو ٺپو ثابت ٿا ڪن.
ان ڪري اهڙي ٽرينڊ ۾ مئو اهو جيڪو مخالف هجي ٿو، جيڪو ان سياست ۽ سرمائيداڻا، جگيردارانا، سيدانا ۽ شاهاڻا سوچ کي پڄي، سمجهي نه ٿو سگهي ته آخر ڪجي ته ڇا ڪجي، انهن ۾ پوءِ جيڪو به وڃي ٿو اهو ان سرڪاري سيٽ کي پنهنجي صوابديد سمجهي هر اها شيءِ استعمال، پائمال ٿو ڪري جنهن جو ان کي ڪو حق ناهي، مثال جيڪڏهن ڪير بئينڪ جو پريزيڊنٽ آ، ڪنهن ڪمپنيءَ جو سي اي او آهي ته ان کي جيڪي به ايوارڊ ملندا، رِوارڊ ملندس، جيڪي به تحفا ملندس اهي سڀ جا سڀ گهر کڻي ويندو آهي ان ڪري ته اهي تحفا ان کي ذاتي حيثيت ۾ ملن ٿا ۽ اهي تحفا ان کي ڪنهن به طرح بينڪ جي ڪيپيسٽيءَ ۾ نه ٿا ملن.
اها ٻي ڳالھه آهي ته ان کي سي اي او هجڻ جي ڪري ملن ٿا، ائين به ناهي ته ان ماڻهوءَ جي نه هوندي به ان کي تحفا ملن جنهن جي لاءِ اها به ان جي صوابديد آهي ته اهي تحفا اهو گهر کڻي وڃي پر جيڪي ايوارڊ ۽ روارڊ، تحفا، توشا ان کي بينڪ جي نالي ٿا ملن اهي گهر کڻي نه ٿو وڃي سگهي ان ڪري اداراي جي سربراھ جي ناتي، واسطي ان کي ان ڳالھه جو پورو حق آهي ته اهي تحفا ڀلي کڻي وڃي پوءِ وقت جي حڪمران کي اها صوابديد ۽ حق ناهي ته اهو ڪنهن صورت حاصل ڪري سگهي ان ڪري جو قانون پاڻ ڪارو آ، قانون کي سڀني آلو لڪڻ سمجهي پنهنجي پنهنجي دور ۾ پئي ڦيرايو آهي.
ٻيو بحث اهو به آهي ته اليڪشن جو سسٽم ائين هجي جو جيڪو به وزيراعظم چونڊجي اهو عوامي راءِ وٺي جنهن اليڪشن جي مهم سازي، ڊرامي بازي نه هجي ڇو ته اڌ کان وڌيڪ ملڪي باشندا سڄو ڏينهن رڳو اهو بحث ٿا ڪن ته وزيراعظم آهي ڇاجي لاءِ، ڇو اچي، ڪير اچي، ان ناتي ڊرائنگ سياست جا رواج وڌي ويا آهن، ماڻهو جيترو مذهبن جي موسمي رسمن رواجن، دين ڌرمن جي سالانا، ڇھ ماهي ريتن رسمن تي ڌيان ٿا ڏين اوترو ئي وري انهن سياسي لاڙن ۽ ريتن تي به دماغ کپائن ٿا، ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ انرجي رڳو ان ڳالھه تي خرچ ٿي ٿئي ته قانون صحيح آهن، غلط آهن، آئين ۾ جيڪي جهول آهن اهي ختم ٿيڻ گهرجن، نه، جن به وزيرن جون جيڪي به ڪرپشن جو ڪهاڻيون ڪيون آهن هي سڀ لئومٽئو ٿيڻ گهرجن، نه،، ٿلهي ليکي ڏسجي ته نواز حڪومت جي دور جا سڀ رڪارڊ سڙي ويا (يا ساڙيا ويا) مثال: آشيانا اسڪيم جو رڪارڊ سڙي ويو، ميٽرو بس جو رڪارڊ سڙي ويو، قرض اتارو ملڪ سنوارو جو رڪارڊ سڙي ويو، نندي پور پاور پروجيڪٽ جو رڪارڊ سڙي ويو، سستي روٽي پروگرام جو رڪارڊ سڙي ويو، ليپ ٽاپ اسڪيم جو رڪارڊ سڙي ويو، ايل ڊي اي اسڪيم جو رڪارڊ سڙي ويو، نيلم جهلم پروجيڪٽ جو رڪارڊ سڙي ويو، انجنيئرنگ پروجيڪٽ پروگرام جو رڪارڊ سڙي ويو، وفاقي محتسب جو رڪارڊ سڙي ويو، اي جي آفيس جو رڪارڊ سڙي ويو، صاف پاڻي جي پروجيڪٽ جو رڪارڊ سڙي ويو ۽ ساڍا چار ارب روپين جي معافي تلافي جو رڪارڊ به سڙي ويو، ڳالھه اها آهي ته ڀلا ايترين غلطين کانپوءِ معاملا ته آخر صحيح ٿين، سرشتن جي نئي سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، پر وفاق جا افعال ته شروع کان ئي بڇڙا رهيا آهن انهن تي ڪو يقين ئي نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جي قانون سازي به ڪهڙي چئون جيڪي پاڻ نون حرفتن ۾ ڦاٿا پيا آهن ڀلي پوءِ اهي کنڊ، اٽي، پيٽرول جي بحرانن جون ڳالهيون هجن، ڪرپشن جون، انهن جا وزير ته آسانيءَ سان ڪرپشن ڪري نڪري ٿا وڃن پر خبر تڏهن پوندي جڏهن اهي ويندا ۽ ٻيا حڪومت ڪندا ڇو ته رياست جو اصول آهي ته ويندڙ چور آهي ۽ ايندڙ ساڌو.
جيئن چاهن تيئن بيلٽ باڪس مٽائي بدلائي ڇڏين ٿا، ممڪن ٿيندڙ نتيجا ئي مٽائي پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا ڏئي ٿا ڇڏين پر ٿيڻ ته ائين گهرجي ته ان عوامي راءِ تي جا ڊجيٽائيزڊ نتيجن تي ملڪ جو سربراھ چونڊن پوءِ جهڙي به پارٽيءَ کي چونڊن چونڊي سگهن ٿا پوءِ انهن چونڊيل نمائندن جي مرضي آهي ته اهي ٽيڪنوڪريٽ، بيورڪريٽ، جيڪي پهرين سرڪاري پگهارن تي نوڪريون ڪن ٿا، جيڪي معيشت جي سُٽن کي سمجهن ٿا، جيڪي معاشي حالتون بهتر ڪري سگهن ٿا مثال جيڪي ماڻهو تعليمي ادارن ۾ پڙهائن ٿا، انهن ادارن کي هلائن ٿا، جيڪي انهن ادارن جا ڪرتا ڌرتا آهن اهي جيڪي به پاليسيون هلائن ٿا، جيڪي به پاليسيون ٺاهن اهي ان ڳالھه کي سمجهن به ٿا پر قانون سازاسيمبليءَ ۾ جيڪي به اڪابر ويهن ٿا انهن کي ڪجھه سمجهھ ۾ ئي نه ٿو اچي ته اهي پاليسين ڪيئن جوڙيندا، انهن کي رڳو اهو ٿو سمجھه ۾ اچي ته 63 ون سي جي آيو، بحال ٿي ويو ته وزير ٻاهرين ملڪن ۾ ڀڄي سگهن ٿا، جيڪي به 63 ون ايف جي ڳالھه ٿا ڪن ته معني اهي هاڻي نيب جي قانون کان نه بچي سگهندا، جيڪي به آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڳالھه ٿا ڪن ته اهي هاڻي نيب جي چنبي ۾ هوندا ان ڪري ته اهي سڀ قانون سازيون، ايڪٽ رڳو انهن جي لاءِ ٿا ڪن جيڪي اسيمبليءَ ۾ ويٺا هوندا،، اهي رڳو پنهنجو فائدو ڏسي قانون ٿا ٺاهن.
اهي جيڪي به ڪن ٿا اهي انهن جي فائدي ۽ سياسي عمر وڌائڻ واري ڳالھه هوندي آ، اليڪشن جي اچڻ، وڃن سان اها ڳالھه به چئي سگهجي ٿي ته جيڪي به نون ليگ جا واٺا (پٽواري) هجن ٿا ۽ اهي تڏهن ٿا نوازجن جڏهن نون ليگ حڪمراني ٿي ڪري، جڏهن نون ليگ پاور ۾ هجي ٿي، پ پ وارا به پنهنجن جيالن کي نوازين ٿا جڏهن اهي سرڪار ۾ هجن ٿا پوءِ جيتري به ڪرپشن ڪن ڪري سگهن ٿا، ائين به آهي ته هڪ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر کي ان انڊرگريجوئيٽ جي هيٺان ڏئي ٿا ڇڏن جيڪو پڻ اَڌَ اَکَرِي آ، ميڊيڪل ڊاڪٽر، ايم ايس، وڏو ميڊيڪل پروفيسر به ان ڳالھه جي لاءِ آتو هوندو آهي ته انهن کي اهي وزارتون تڏهن ۽ تيستائين نوازن ته نوازي سگهن ٿا، ان ڪري اها سڀ ممڪنات ائين ئي پيون هلنديون ۽ هلنديون رهنديون ڇو ته جمهوريت جون شڪليون ٻين ملڪن ۾ ٻيون آهن ۽ اسان وٽ رڳو اسٽيٽ پوليٽڪس آ، چانھ کان وڌيڪ پيالي گرم هجي ٿي، جيڪي به اعلي درجن تي ويٺل آهن اهي ڪامورا پنهنجو مدو پورو ڪري لهي ٿا وڃن، جيڪي عوامي نمائندا آهن اهي هروڀرو جي خلق گهلي ٿا رکن، جيڪي به بلديات ۾ ڪم ڪن ٿا اهي سڀ سرڪاري نوڪري ٿا ڪن ته انهن کي انهن جون وزارتون هلائن، جيڪي به بيجٽ انهن کي ملي ٿي ان کي ڪنٽرولنگ جي لاءِ آڊٽ سسٽم رکن، عوامي پهنچ ۾ رکن، جيڪي به ترقياتي ڪم ڪرائين اهي ديرپا به هجن، هڪ سرڪار کان ٻي سرڪار تائين نه هجن جو هر ڏهين سال اها عمارت، اسڪول جي بلڊنگ ٻارن جي مٿان ڪري، ڪري پئي ۽ رڳو گهل گهوڙا ڪن، ان ڪري جو سسٽم ڪرپٽ آ، ائين به ناهي ته وزير جا مشير جو گهر به ائين ڪري پوندو هجي جنهن طرح سرڪاري عمارتون ڪري ٿيون پون پر ڳالھه وري به ان سسٽم جي آهي جيڪو هن بيمار رياست جي ڳچيءَ ۾ گوگهي وانگي وڌو ويو آهي ته هاڻي پاڻ ڄاڻو پنهنجو ڪم، ان ڪري سرڪار جو سڄو خرچ جيڪو ٿئي ٿو، جيڪي به عياشون ٿين ٿيون اهي آهن ئي وزيرن ۽ مشيرن جون ان ڪري بجاءِ جو سڄي خلق جي اليڪشن ٿئي رڳو هڪ ملڪي سربراھ جي چونڊ ٿئي ته جيئن ناڻي تان بار جهڪا ٿين.