ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل پاران شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن ۽ سھولتڪارن جي گرفتاري لاءِ سڀاڻي سومر کان ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آھي تھ فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي.
اھڙو اظھار سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل پاران شھيد صحافي جان محمد مھر جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس ۾ مقررن خطاب ڪندي ڪيو.
ان موقعي تي صحافين جي تحفظ واري ڪميشن جي ميمبر ۽ عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ خطاب ڪندي چيو تھ جان محمد جو قتل خاندان جو نه سڀني صحافين جو ڪيس آهي، اسان رڳو سوڳ ڪرڻ بدران نتيجا ڏيڻ واري جدوجهد ڪيون، صحافي جي مشن کي ڪارپوريٽ سيڪٽر نقصان ڏنو آهي.
ھن چيو تھ صحافي سماج دوست ڪردار ادا ڪندا آهن ته پوءِ معاشرو انهن جو آواز بڻجي ويندو آهي، رائيٽ ٽو انفارميشن کي عوام لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، سنڌ کي اعزاز آهي، ان انفارميشن ڪميشن جوڙي آهي، عالمي دٻاءُ به آهي، پاڪستان ۽ افغانستان دنيا ۾ صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪميشن واقعن جا نوٽيس ورتا آهن، آفيس ۽ اسٽاف ناهي، رولز به ناهن، ڪميشن کي رضاڪار گهرجن ٿا، سب ڪميشن به گهرجي جيڪا رپورٽ ڪري، جان محمد مھر ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽري، آ جي پوليس کي خط لکيا آهن.
ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو تھ صحافين کي نشانو بڻائيندڙن کي سزا ملڻ گهرجي، ان تي عالمي سطح تي ڪم ٿي رهيو آهي، فيوڊل سماج ۾ رهون ٿا، اهڙي سماج جي تبديلي بنا ترقي نٿا ڪري سگهون، تڪرارن مان جان ڇڏائڻ جي ضرورت آهي، سب ڪميشن ۾ صحافين کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو، صحافت کي نوڪري نه مشن طور اختيار ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي صدر قاضي ذوالفقار خطاب ڪندي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو منظور ڪيو ويو.
تعزيتي ريفرنس سان وحيد راڄپر، مهيش ڪمار، رشيد ميمڻ، فياض نائچ، ذوالفقار راڄپر، نياز کوکر ۽ مرتضيٰ چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته حڪومت خاطري ڪرائي پر قاتل گرفتار ناهن ڪيا.
Next Post
You might also like