راڻيپور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري سميت ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل سمورن بي گناھ ماڻھن جي آزادي لاءِ يونائيٽيڊ لائيرس اينڊ سول سوسائٽي فورم سنڌ شيعا علماء ڪائونسل ۽ وائيس آف راڻيپور پاران دائي واري هوٽل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ، سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري سميت ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل سمورن بي گناھ ماڻھن جي آزادي لاءِ يونائيٽيڊ لائيرس اينڊ سول سوسائٽي فورم سنڌ شيعا علماء ڪائونسل ۽ وائيس آف راڻيپور پاران دائي واري هوٽل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شيعه علماءِ ڪائونسل اڳواڻ مولانا محسن علي نقوي، ڊاڪٽر نظير کوکر، غلام حسين ملاح، سڪندر سرڪي، مدد ملاح، ايڊووڪيٽ شاهد ڄامڙو، ايڊوڪيٽ آصف ڄامڙو، مڪيش ڪمار، حسن ڄامڙو، ايڊوڪيٽ ڌڻي بخش مڱڻيجو ۽ ٻين چيو ته سنڌ اندر ڪيترائي ماڻھو اغوا ڪري کين باندي بڻايو ويو آھي ڪيترائي ماڻھو ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آھن، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شھرن مان اغوا ٿيل سمورن ماڻھن کي آزاد ڪرايو وڃي، نينگري پريا ڪماري جي والدين کي ڪھڙي سزا ڏني پئي وڃي، نياڻي کي آزاد ڪرايو وڃي.