تحريڪ انصاف پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي  فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته سپريم ڪورٽ پاران نيب ترميمي بل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي نه پر عدل ۽ انصاف جي فتح آهي.ترجمان وڌيڪ چيو ته اڳوڻي حڪومتي اتحادي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) نيب کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو.پي ٽي آءِ ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته شهباز شريف، مريم نواز، آصف زرداري، حمزه شهباز ۽ اسحاق ڊار کي پي ڊي ايم جي دور ۾ نيب رليف ڏنو هو.سپريم ڪورٽ پاڻ ٺاهيل اين آر او 2 کي کڻي ردي جي ڪچري ۾ اڇلائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته لٽيل دولت تي رڳو پاڪستاني عوام جو حق آهي، فيصلي جي روشني ۾ اربين رپين جي ڦرلٽ ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.