ڪراچي(م ڊ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڀٽو صاحب جڏهن سنڌ تي ڪوٽا سسٽم لاڳو ڪيو ته ڪراچي جو مينڊيٽ جماعت اسلامي وٽ هو. حافظ نعيم جي ڳالهين کي ڪافي عرصي کان نظرانداز ڪندا رهياسين، پر هاڻي چوڻو پيو ته جماعت اسلامي منافقن جو گروهه آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي.ڪالهه ناڻي واري وزير کي بدلي ڪيو ويو، خدشو ظاهر ڪيوهن چيو ته تصديق ٿيل خبرون آهن ته پ پ پنهنجي غير قانوني سرگرمين لاءِ ناڻي واري وزير تي دٻاءُ وجهي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته نگران وڏو وزير پاڻ کي پيپلز پارٽي جو وڏو وزير ثابت ٿيڻ نه ڏيندو.