ڪراچي(م ڊ)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته عوام جو سوال آهي ته رينجرز جا اختيار ڪهڙا آهن؟ جيڪڏهن اسٽريٽ ڪرائم آهي ته ڇا رينجرز ان ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿي؟هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو پيپلز پارٽي سان اتحاد آهي، ايم ڪيو ايم ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، اها قتل، ڀتا خوري ۽ اغوا کي پنهنجي سگنيچر تي رکي ٿي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڦوڪڻي ۾ هاڻي هوا نٿي ڀري سگهجي، ان کي ٻيهر طاقت نه ڏني وڃي هن چيو ته بلديا سانحو ملڪي تاريخ جو بدترين سانحو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اڌ سچ آهي، هاڻي ڪراچي تي ٻيهر اهڙن ماڻهن کي مسلط ڪرڻ جي جرئت نه ٿيڻ گهرجي.