ڪوٽڙي ۾ 6 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري مڙس هٿان قتل

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي ۾ 6 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري مڙس هٿان قتل، ابڙا چوڪ جي رهواسي جوابدار پنهنجي  زال شبنم کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، ناري پنهنجي مڙس ساجد سولنگي کان ناراض ٿي والدين جي گهر وئي ته صبح سوير مڙس گهر ۾ گهڙي ننڊ ستل زال کي فائر ڪري موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، فوتي عورت جي والدين جو چوڻ آهي ته نياڻو اسان جي ڌيءَ مٿان مسلسل تشدد ڪندو رهندو هو گهران ڪڍي ڇڏيندو هو وري پاڻ ئي وٺي ويندو هو، گهر ۾ گهڙي هُن ننڊ پيل نياڻي کي قتل ڪيو، ظلم ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتولا جو مڙس ساٿين سان گڏ کيس وٺڻ لاءِ پهتو، زال پاران واپس نه ھلڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي عورت کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مڙس موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ ورثن حوالي ڪيو ويو آهي آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي ناهي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.