رستم ڀرسان جتوئين ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل

چڪ/ لکي غلام شاهه/ خانپور (نمائندن وٽان) رستم ڀرسان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان  قتل، رستم   ڀرسان ڪمالاڻي ۽ عطراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن معاملي تان خوني ويڙهه ۾ ماٺ نه اچي سگهي، عطراڻي برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زمين تي مال چاريندڙ ڪمالاڻي برادري جو نوجوان نورل  پٽ بهادر ڪمالاڻي قتل ٿي ويو، واقعي بعد ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿي هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان ڪيترائي ڪلاڪن تائين آمهون سامهون فائرنگ ڪندا رهيا جڏهن ته واقعي بعد پوليس نوجوان جو لاش خانپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث عورتن حوالي ڪيو، واضح رهي ته وحيد ڪمالاڻي کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿيل جهيڙي ۾ هيل تائين ٻنهي ڌرين جا 55 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هٿياربندن فائرنگ ڪري جشن واري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، هڪ پيرسن چئي رهيو آهي ته جهيڙي جي شروعات آهي، ڦر ٿيل مينهن ۾ به ماڻهو قتل ڪري پلاند ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.