پشاور هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا روڪي ڇڏيا

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ دي ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج ايڊدميشن ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) ۾ بليو ٽٿ جي ذريعي ڪاپي خلاف داخل درخواستن  تي نتيجا روڪي ڇڏيا آهن، پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس ارشد علي ايم ڊي ڪيٽ خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ٽيسٽ جي نتيجن کي روڪي ڇڏيو  ۽ چيف سيڪٽريٽري، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر  ايٽا ۽ رجسٽرار پي ايم ڊي سي کان جواب طلب ڪري ورتو، هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا جاري نه ڪيا وڃن، عدالت درخواستن تي ٻڌڻي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته ايم ڊي ڪيٽ  جا نتيجا روڪڻ جي لاءِ شاگردن درخواستون داخل ڪيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.