ميرپورخاص ۾ اغوا ٿيل هندو ناري راڻي جي آزادي لاءِ احتجاج، ڌرڻو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سنڌڙي جي ڳوٺ علي مڱريو مان ھٿياربندن ھٿان مبينا اغوا ڪيل نابالغ ھندو ناري راڻي ڀاٽ جي بازيابي لاءِ  پاڪستان دراوڙ اتحاد ۽ ناري جي وارثن مردن عورتن ۽ ٻارن پاران احتجاجي مارچ ڪندي ميرپورخاص پريس ڪلب ۽ ڊي آئي جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري بعد ڌرڻو ھنيو ويو، مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن فقير شيوا ڪڇي، سونو ڀاٽ، وڪيل ڪانجي راڻو ڀيل، انيل شرما، موھن لال ڀيمون ڀاٽ ۽ ٻين چيو ته چار ڏينهن اڳ پورھيت سونو ڀاٽ جي گھر تي علائقي جي بااثرن گل حسن، اڪبر، رزاق  ۽ اڻڄاتل ماڻهن ھٿيارن سان ليس ٿي گهرن تي ڪاھ ڪري گھر ڀاتين کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد 15 سالن جي نابالغ نياڻي راڻي ڀاٽ  کي اغوا ڪري ويا، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي،  سنڌ ۾ رھندڙ اقليتي برادري عدم تحفظ جو شڪار آهي روز جي بنياد تي سندن نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذهب تبديل ڪرايو وڃي ٿو، نياڻي راڻي کي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.