راڻيپور: معصوم ڪشش سومرو سان انصاف نه ٿيو، احتجاج

راڻيپور (ن ع آ) رپڙي ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ۾ چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي ڪشش سومرو کي اغوا ڪري  جنسي ڏاڍائي ڪئي  جنھن کي هڪ مهينو گذري ويو پر معصوم نياڻي کي انصاف نه ملي سگھيو، وارثن طرفان معصوم نياڻي سان گڏ احتجاج ڪيو ويو، پريس ڪانفرنس به ڪئي وئي،  نياڻي جي والدين حضور بخش سومرو منظوران سومرو نياڻي ڪشش سومرو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي نياڻي سان زيادتي ٿي جنهن جا ڊي اين اي پڻ ورتا ويا پر اهي ظاهر نٿا ڪيا وڃن، بهارو پوليس اسانجو ڪيس لوڙھڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي اسان جي نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي، جوابدار زنير پنهور جنسي ڏاڍائي ڪئي پوليس  هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي پر ٻه جوابدار فرار آھن ھاڻي انھن جا وارث ڌمڪائي رهيا آھن ته ڪيس تان هٿ کڻو اسان جي نياڻي جي زندگي برباد ٿي وئي آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.