ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاران نيب ترميم بابت ٻڌايل فيصلي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ جي ڊي اي اڳواڻ سيد زين شاھ پنھنجو رد عمل ڏيندي چيو آھي ته سپريم ڪورٽ پاران نيب ترميمن جي ڪيترن ئي شقن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ نيب ڪيسن جي بحالي واري فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا ملڪ جي پارليامينٽ ترميم ڪري جيڪو پاڪستان تي ڪارو داغ لڳايو ھو اھو اڄ سپريم ڪورٽ ڌوئي ڇڏيو آھي.
ڪراچي مان جاري ڪيل پنھنجي بيان ۾ ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو ته اميد آهي ته نئون ايندڙ چيف جسٽس ملڪي مفادن لاءِ ھن فيصلي کي برقرار رکندو، نيب ۾ ترميم بدنيتي تي مُنبي ۽ ڪرپٽ ٽولي کي فائدو پھچائڻ لاءِ ڪئي وئي ھئي، سپريم ڪورٽ جي ھن تارخي فيصلي کي خوش آئنده قرار ڏيون ٿا سپريم ڪورٽ ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکندي شاندار، درست ۽ دانشمنداڻو فيصلو ٻڌايو آهي.
ھن چيو ته ملڪ جو خزانو لٽي ملڪ کي تباھي جي ڪناري تي پھچائيندڙ ڪنھن به رعايت جا حقدار نه آھن،