ڪراچي ( مانيٽرينگ ڊيسڪ ) ملڪي معيشت سان گڏ پاڪستاني صارفين جي ڪرندڙ اعتماد کي بحال ڪرڻ نگران حڪومت لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهي.
اپسوس پاڪستان ڪنزيومر ڪانفيڊنس انڊيڪس جي ٽئين سروي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، اپسوس پاڪستان جي طرفان سروي رپورٽ موجب 98 سيڪڙو پاڪستاني ملڪي وڌندڙ رخ مان خوش ناهن، رخ کي درست سمجهندڙ پاڪستانين جي شرح 2 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب ملڪي معيشت ۽ پنهنجي صورتحال مالي صورتحال کان پاڪستاني مايوس آهن، 68 سيڪڙو پاڪستاني پنهنجي مالي صورتحال کي خراب چئي رهيا آهن.