ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ڌماڪو، جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيوويو. ڪراچي-ڪوئيٽا هاءِ وي تي روڊ ڪناري گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ پي ڊي ايم ترجمان ۽ جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله سوڌو 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڌماڪي بعد پوليس ۽ ليويز اهلڪارن پهچي واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، زخمين کي اسپتال آندو ويو. ذريعن موجب جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله پنهنجي قافلي سان گڏ ڪوئيٽا،ڪراچي هاءِ وي تان وڃي رهيو هو، هن جا ساٿي به 4 گاڏين ۾ سوار هئا .