راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي وڪيل سردار عبدالرزاق چيو آهي ته پرويز الاهي کي جيل ۾ سهولتون ڏيڻ بدران سختيون وڌايون پيون وڃن. چوڌري پرويز الاهي سان سندس وڪيل اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي، پرويز الاهي وڪيل کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات کانپوءِ وڪيل سردار عبدالرزاق ٻڌايو ته پرويز الاهي جي سيل اڳيان ڀت ٺاهي روشني ۽ هوا بند ڪئي وئي آهي، کيس گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ رکي پريشان ڪيو پيو وڃي.سندس چوڻ هو ته پرويز الاهي کي واڪ ڪرڻ جي به اجازت نه پئي ڏني وڃي، ان معاملي تي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين.