اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان کي افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ جي غلط استعمال تي ڪجهه خدشا آهن، جن کان هن افغان اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چترال سميت ٻين هنڌن تي افغانستان مان دهشتگرد حملا ٿي رهيا آهن، افغانستان جي قائم مقام حڪومت پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي. هن چيو ته پاڪستان افغان ڀائرن جو کليل هٿن سان استقبال ڪيو آهي، پر پاڪستان حڪومت کي پنهنجي قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو، پاڪستان صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي طورخم بارڊر کولڻ جو فيصلو ڪندو. هن چيو ته پاڪ افغان واپار وڌي رهيو آهي، پاڪستان ان واپار کي وڌائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي ۾ ڀارت کان واگها ذريعي روڊ جو واپار شامل ناهي، افغانستان سان ڪجهه چينلز ذريعي ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر اڃا تائين ڪجهه ناهي ڪيو ويو، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ رابطي لاءِ سفارتخاني سميت مختلف چينل آهن. ڪنهن به نقشي تي والاريل ڪشمير کي ڀارت جو حصو ڏيکارڻ غير قانوني آهي.