اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل چيف جسٽس عمر عطابنديال جي اعزاز ۾ ڏنل ڊنر جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين هارون الرشيد چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته پاڪستان بار چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ڊنر ۾ احتجاج طور شرڪت نه ڪندو. پاڪستان بار ڪائونسل جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس عمر عطابنديال فل ڪورٽ ريفرنس نه وٺي رهيو آهي، پاڪستان بار احتجاج ڪندي چيف جسٽس جي اعزاز ۾ ڏنل ڊنر ۾ شرڪت نه ڪندو.