عدالت جو عمر سرفراز چيما کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم

لاهور(م ڊ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ خصوصي عدالت پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر  سرفراز چيما کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ايڊمن جج عبهر گل خان عمر سرفراز چيمه جي علاج لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪندي منظور ڪري ورتي. خميس ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر سرفراز چيما جيل مان پنهنجي وڪيلن ذريعي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي

  • جسٽس (ر) سيد اصغر حيدر جي پراسيڪيوٽر جنرل نيب طور استعيفيٰ قبول

اسلام آباد(م ڊ)جسٽس (ر) سيد اصغر حيدر جي پراسيڪيوٽر جنرل نيب طور استعيفيٰ قبول ڪئي وئي آهي، خميس ڏينهن هتي قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت پراسيڪيوٽر جنرل نيب جسٽس (ر) سيد اصغر حيدر جي 15 سيپٽمبر 2023ع کان استعيفيٰ قبول ڪئي وئي آهي.

  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ واقعن ۾ 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي ( رپورٽر )  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ واقعن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تيموريا ٿاڻي جي حد ناگن چورنگي  سيڪٽر 15 اي/3 ۾ گھر نمبر آر 746 ڇري جي وار سان 7 سالن جي مريم ڌي ثاقب فوت ٿي وئي. گلبرگ ٿاڻي جي علائقي ايف بي ايريا بلاڪ 11 رفاھ عام اسپتال جي ڀرسان فائرنگ ۾ عبدالاحد ولد عبدالسعيد زخمي ٿيو.سھراب ڳوٺ جي علائقي مڇر ڪالوني جي ڀرسان فائرنگ ۾ عادل ولد نصيب الله زخمي ٿيو. عزيز آباد جي علائقي ياسين آباد شيل پمپ جي ڀرسان فائرنگ ۾ سفيان پٽ اشفاق زخمي ٿي پيو .

  • آءِ جي سنڌ طرفان پوليس کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي ( رپورٽر ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار مستونگ ڌماڪي جي حوالي سان سنڌ پوليس کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ سڪيورٽي  جا انتظام انتهائي چوڪس رهڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن .آءِ جي سنڌ چيو ته حساس علائقن ۾ انٽيليجنس معلومات کي وڌائڻ، ٿاڻن جي سطح تي رابطا وڌائڻ، گشت سخت ڪرڻ، پڪٽنگ، ناڪابندي ڪرڻ، جڏهن ته رينڊم اسنيپ چيڪنگ جي حوالي سان خاص نقطا ٺاهي مجموعي معاملن کي بهتر ۽ موثر بڻائڻ لاءِ آءِ جي سنڌ رينج ضلعن ۽ زونل پوليس آفيسرن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا، آءِ جي سنڌ هدايتون جاري ڪيون ته ڊيوٽي تي مقرر سمورن پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي بلٽ پروف جيڪيٽ پائڻ سان گڏوگڏ سمورن سڪيورٽي حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن بابت بريفنگ پڻ ڏني وڃي ۽ سيڪيورٽي کي خود مختيار بڻايو وڃي. جيئن ڏوهن ۽ ڏوهاري عنصرن جي خلاف تمام ڪارواين کي منظم ۽ ڪامياب بڻائي سگهجي .

  • درآمد گهٽجڻ سبب 800 ارب رپيا روينيو شارٽ فال

اسلام آباد (م ڊ) هلندڙ مالي سال 24-2023ع ۾ درآمدات ۾ گهٽتائي سبب فيڊرل بورڊ آف روينيو 800 رپين کان وڌيڪ  روينيو شارٽ فال جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، فيڊرل بورڊ آف روينيو امڪاني حوالي سان روينيو حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. گهٽتائي ڪئي آهي. ايف بي آر جي هڪ سينيئر آفيسر ٻڌايو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ايف بي آر ۾ روينيو حڪمت عملي بابت اهم اجلاس منعقد ڪيا ويا، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن درآمدات ۾ گهٽتائي جو رجحان جاري رهيو ته روينيو شارٽ فال کي پورو ڪرڻ جو امڪان آهي. اضافي روينيو ود هولڊنگ مانيٽرنگ کي سخت ڪرڻ، ڪسٽم ويلوئيشن کي بهتر ڪرڻ ۽ سيلز ٽيڪس فراڊ کي روڪڻ سان گڏوگڏ فراڊ ان پٽ ٽيڪس ايڊجسٽمينٽ کي به وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.