پوليس نه قاتل گرفتار ڪيا ۽ نه ئي جاچ ڪئي آهي: والد

ٽنڊوآدم ( ن ع  آ)ٽنڊي آدم ۾ چار ڏينهن اڳ سٽي ٿاڻي جي حد شھيد محمد فقير ڏيرو چوڪ لڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان قتل ٿيل شھيد مير افضل لنڊ جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مقتول جا وارث جن ۾ والد عبدالنبي لنڊ، مقتول جي امڙ، ۽ سئوٽ محمد بخش لنڊ خيرپور ناٿن شاهه کان ٽنڊو آدم پھتا. سٽي ٿاڻي تي ڊي ايس پي ٽنڊوآدم ۽ ايس ايڇ او سٽي سان ڳالھيون ٿيڻ بعد مقتول جي سئوٽ محمد بخش لنڊ جي مدعيت ۾ ٽن اڻڃاتل هٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي،  فريادي پاران ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موٽر سائيڪل سوار ٽن اڻڃاتل ھٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري افضل لنڊ کي قتل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڳالهين دوران مقتول جي وارثن پاران ايف آئي آر جو جيڪو متن پيش ڪيو ويو ان تي ڊي ايس پي ٽنڊوآدم اظهار حسين لاھوري ۽ ايس ايڇ او سٽي غلام حيدر بروهي اتفاق نه ٿي ھو. ٿاڻي تي مقتول جي وارثن ۽ پوليس درميان ڪيترائي ڪلاڪ بحث مباحثي بعد ڪيس جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتول افضل لنڊ جي والد عبدالنبي لنڊ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي نوجوان پٽ کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوھه ۾ شھيد ڪيو ويو آهي، چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪا به جاچ نه ڪئي آهي نه ئي قاتل گرفتار ڪيا آھن، منھنجي پٽ فون ڪري گھرايو ويو، موبائيل فون به پوليس وٽ آھي، جانچ ڪرڻ گھرجي ته موبائل فون تي ڪنھن گھرايو ھئس، منھنجو پٽ ايڊوانس مائڪرو فنانس بينڪ ۾ رڪوري ۽ لون آفيسر طور تي ڏھ ڏينھن اڳ شهدادپور مقرر ٿيو ھو، ھن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ان موقعي تي جسقم ضلعي آرگنائيزر آزاد ڪنڀر، الھداد مري، ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ محمد خان پنھور، امداد چانڊيو، خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي منظور خاصخيلي، سنڌي ادبي سنگت جي گل حسن لاکو، ساگر ڏھراج سميت سوين قومپرست ڪارڪن ٿاڻي تي پھتا ۽ وارثن سان ٻڌي جو اظھار ڪيو ۽ وارثن جي موقف تحت ڪيس داخل ڪرائي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو پڻ ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جانچ ڪريون پيا جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.