فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، اسد شاهه سميت ٽن جوابدارن جو وڌيڪ رمانڊ

راڻيپور(رپورٽ:فياض حسين راڄپر ) پيراڻي حويلي اندر مبينا طور زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدار اسد شاھ سميت ٽنھي جوابدارن کي جڊيشل پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ٻيھر  دھشتگردي جي انت واري عدالت سڳوريءَ خيرپور ۾ پوليس جي سخت پھري ھيٺ پيش ڪيو ويو. جتي انوسٽيگيشن آفيسر آءِ او محمد بچل قاضي وڌيڪ 15 ڏھاڙن جي رمانڊن جي استدعا ڪئي. جيڪا عدالت سڳوري منظور نه ڪئي ۽ ان کي گھٽائي 7 ڏينھن جي ڪري ان کي منظور ڪيو ويو. جنھن جوابدارن جو وري ستن ڏينهن جو پوليس کي جسماني رمانڊ ملي ويو. پر ان ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ٿي نه سگھي آھي. ناھي وري ٻه اھم مک ڪردار پير سيد فياض شاھ ۽ سندس نياڻي بي بي حنا شاھ اڃان گرفتار ٿي نه سگھيا آھن. جنھن تي پڻ ڪيترائي سوال اٿي رھيا آھن. جڏھن ته ٻئي طرف گذريل ڏينھن پوليس راڻيپور ۽ ڪراچي ۾ الڳ الڳ ڪاروائي ڪندي ڪجهھ شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ کڻي وڃي رکيو آھي ۽ سندس کان پڇاڳاڇا جو عمل جاري آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.