ڪراچي ( رپورٽر )ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ زال ۽ مڙس کي قتل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي پسند جي شادي ڪئي هئي، زال ۽ مڙس کي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور قتل پسند جي شادي تان ٿيو آهي جوابدارن ٻنهي زال مڙس کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، مقتول کي چئن ٻارن جو اولاد هيو ، 2 واقعي جي وقت ٻار اسڪول ويا هئا . پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. علائقي جي رهواسين پوليس کي ٻڌايو ته واقعو شروعاتي طور غيرت جي نالي تي قتل جو آهي، ٻئي مڙس ۽ زال 8 سالن کان گڏ رهندا هئا.