خبردار! رات جو دير تائين جاڳندڙ ماڻهن لاءِ بري خبر

رات جو دير تائين جاڳڻ ڪجهه ماڻهن جي عادت هوندي آهي ۽ اهو سندن طرز زندگي جي معمول جو حصو بڻجي ويندو آهي.
انسان سمهڻ لاءِ پنهنجي مرضي جو وقت چونڊي سگھن ٿا ۽ اهي رات جو دير تائين جاڳڻ يا جلد سمهي صبح جو سوير اٿي سگھن ٿا.
پر رات جو دير تائين جاڳڻ جي عادت ماڻهن کي شڪر ٽائيپ 2 جهڙي مرض جو شڪار بڻائي سگهي ٿي.
بريگهم اينڊ ويمنز هاسپٽل ۽ هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته رات جو دير تائين جاڳندڙ ماڻهن ۾ شگر سان گڏوگڏ صحت لاءِ نقصانڪار مختلف عادتون اپنائڻ جو خطرو به تمام گھڻو هوندو آهي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته رات جو دير تائين جاڳندڙ ماڻهو گھڻو ڪري صحت لاءِ هاڃيڪار خوراڪ کائڻ پسند ڪندا آهن، جسماني طور تي گھٽ سرگرم هوندا آهن، جسماني وزن گھڻو هوندو آهي، سگريٽ ڇڪيندا آهن ۽ 7 ڪلاڪن کان گھٽ سمهندا آهن، اهي سڀ عادتون شگر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌائين ٿيون.
تحقيق موجب انهن عادتن جي ڪري رات جو دير تائين جاڳندڙن ۾ صبح جو جلد اٿندڙن جي ڀيٽ ۾ شگر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 72 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.
ماهرن ٻڌايو ته جيڪڏهن رات جو دير تائين جاڳندڙ ماڻهو ناقص خوراڪ ننڊ جي کوٽ ۽ ٻين نقصانڪار عادتن کي پاڻ کان پري رکندا آهن ته پوءِ شگر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 72 سيڪڙو کان گھٽجي 19 سيڪڙو تائين اچي ويندو آهي.
هنن ٻڌايو ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪو فرد صحتمند طرز زندگي کي اپنائي ٿو پر رات جو دير تائين جاڳڻ جو عادي آهي تڏهن به ان ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ شگر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو ڌيڪ هوندو اهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل Annals of Internal Medicine ۾ ڇپيل آهن.
اها پهرين تحقيق ناهي جنهن ۾ رات جو دير تائين جاڳڻ ۽ مختلف مرضن مان متاٿر ٿيڻ جي خطري وچ ۾ واسطو ثابت ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ به ڪيترين ئي تحقيقن ۾ اها ڳالهه ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.