صدر عارف علوي ملڪ ۾ 6 نومبر تي عام چونڊن جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ 6 نومبر جي تاريخ تجويز ڪري ڇڏي.
صدر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي نالي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو آهي ته مان 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي صلاح تي قومي اسيمبلي ٽوڙي.
خط ۾ چيو ويو آهي صدر جو اختيار آهي ته عام چونڊن لاءِ 90 ڏينهن اندر تاريخ مقرر ڪري، آئيني ذميواري پوري ڪرڻ خاطر چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات لاءِ دعوت ڏني وئي ته جيئن آئين ۽ ان جي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طريقو واضح ڪري سگهجي.
صدر جي خط جي متن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، وفاق کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي.
صدر خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آزاد، منصفاڻي چونڊن لاءِ آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ لاءِ اعليٰ عدليا کان رهنمائي حاصل ڪري.
خط ۾ چيو ويو آهي ته مردم شماري کانپوءِ تڪ بندين جو عمل به جاري آهي، آئين جي آرٽيڪل 51 (5) ۽ اليڪشن ڪميشن جي سيڪشن 17 تحت اهو لازمي شرط آهي، قانون ۽ انصاف واري وزارت به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جهڙي راءِ رکي ٿي.
خط موجب چئني صوبائي حڪومتن جو خيال آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي، آئين جي آرٽيڪل 48 (5) تحت صدر جو اختيار آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ جي تاريخ کان 90 ڏينهن اندر جي تاريخ مقرر ڪري، تنهن ڪري عام چونڊون اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جي 89هين ڏينهن مطلب سومر 6 نومبر تي ٿيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.