بُري خبر، پاڪستان جو اهم فاسٽ بالر ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان  ڪرڪيٽ ٽيم جو اهم فاسٽ بالر انجري سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر زخمي ٿيڻ کانپوءِ ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.

فاسٽ بالر نسيم شاهه ڀارت خلاف ميچ ۾ ڪلهي جي انجري جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن بعد کيس ميڊيڪل پئنل ورلڊ ڪپ کان اڳ آرام جو مشورو ڏنو آهي، طبي ٽيم سندس معائنو ڪندي رهندي.

نسيم شاهه جي جاءِ تي زمان خان کي ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.