”اُدي شيٽي ۽ مجنو ڀائي“ کانسواءِ ويلڪم3، نانا پاٽيڪر جي فلم ميڪرز تي ٺٺول

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي سينيئر اداڪار نانا پاٽيڪر سُپر هٽ فلم سيريز ” ويلڪم “ جي سيڪوئل ۾ شامل نه ڪرڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

ڪيئي ڪامياب فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ نانا پاٽيڪر پنهنجي نئين فلم جي پروموشن واري تقريب ۾ ” ويلڪم ٿري “ بابت ڳالهائيندي چيو ته هو ويلڪم ٿري جي ڪاسٽ ۾ شامل نه آهي، شايد کين لڳندو هجي اسان گهڻو پراڻا ٿي ويا آهيون.

نانا پاٽيڪر ويلڪم ٿري جي ميڪرز جو نالو وٺڻ کانسواءِ ٺٺول ڪندي چيو ته جنهن نئين فلم جي پروموشن ڪري رهيو آهيان ان جي هدايتڪار ۽ فلمساز کي ائين نه لڳو انڪري فلم جي ڪاسٽ ۾ شامل آهيان.

ياد رهي ته نانا پاٽيڪر کانسواءِ انيل ڪپور کي به ويلڪم ٿري ۾ ڪاسٽ ناهي ڪيو ويو.

فلم ويلڪم 2007ع جي سُپر هٽ فلم هئي جنهن ۾ نانا پاٽيڪر ۽ انيل ڪپور مک ڪردار ادا ڪيو هو.

انيل ڪپور ۽ نانا پاٽيڪر جي ڪردارن کي شوقينن تمام گهڻو ساراهيو هو.

فلم جو ٻيو حصو ويلڪم بيڪ 2015ع ۾ رليز ڪيو ويو هو جنهن پڻ انيل ڪپور ۽ نانا پاٽيڪر کي لاجواب ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.