آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ، گِل، بابر کان هڪ وِک پوئتي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ون ڊي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ڀارتي بيٽر شُڀمَن گِل ترقي ڪندي ٽين کان ٻين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.

ون ڊي بيٽرز ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم 863 پوائنٽس جا پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ڀارتي اوپنر شُڀمَن گِل 759 ريٽنگ پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.

رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪي بيٽر رسي وين ڊر ڊوسن ٽئين نمبر تي آهي، آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر هڪ درجو ترقي ماڻڻ کانپوءِ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.

پاڪستان اوپنر امام الحق هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ پنجين نمبر تي هليو ويو، ڏکڻ آفريڪا جو وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ هڪ درجو ترقي بعد ستين نمبر تي اچي ويو آهي.

فوٹو: آئی سی سی

ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي هڪ درجو ترقي ڪندي اٺين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي ريڪنگ ۾ هڪ درجو ترقي ٿي آهي جنهن کانپوءِ هو نائين نمبر تي اچي ويو، پاڪستان جو فخر زمان هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ ڏهين نمبر تي هليو ويو  آهي.

بالرن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ پهرين نمبر تي موجود آهي، مچل اسٽارڪ ٻئي، ٽرينٽ بولٽ جي ٽين پوزيشن آهي.

آسٽريليا جي ايڊم زمپا هڪ درجو بهتري کانپوءِ چوٿين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، نيوزيلينڊ جي ميٽ هينري جو پنجون ۽ افغانستان جي مجيب الرحمان جو ڇهون نمبر آهي.

فوٹو: آئی سی سی

ڀارت جي ڪلديپ ياديو هڪ درجو ترقي بعد ستين نمبر تي قبضو ڄمائي ورتو آهي، افغانستان جو راشد خان هڪ درجو تنزلي کانپوءِ 8 هين نمبر تي اچي ويو آهي.

پاڪستان جي اسٽار فاسٽ بالر شاهين شاهه ڏهين ۽ حارث رئوف 21 نمبر تي موجود آهي.

آءِ سي سي ون ڊي آل رائونڊرن ۾ بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن جو پهريون نمبر برقرار آهي، ٻئي نمبر تي افغانستان جو محمد نبي آهي.

فوٹو: آئی سی سی

آل رائونڊرن جي رينڪنگ ۾ زمبابوي جي سڪندر رضا جو ٽيون نمبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.