سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي، عمران خان کان ڇا ڇا پڇيو ويو؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف سائفر ڪيس جي اڄ اٽڪ جيل ۾ ٿيل ٻڌڻي جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين اٽڪ جيل ۾ عمران خان خلاف سائفر گمشدگي ڪيس جي اِن ڪيمرا ٻڌڻي ڪئي ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل رمانڊ ۾ 26 سپٽيمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي کانپوءِ خاص عدالت جي جج ابولحسنات ذوالقرنين اڄوڪي ٻڌڻي جو چئن صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو لکيو .

اڄوڪي ٻڌڻي جي لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قانون واري وزارت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ٻڌڻي اٽڪ جيل ۾ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، سيڪريٽ ايڪٽ عدالت پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کان اٽڪ جيل اختيارين جي رويي بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن تي عمران خان اٽڪ جيل انتظاميا جي رويي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين اِهو به چيو ته هو اٽڪ جيل ۾ محفوظ آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کان جيل ۾ ڏکيائين يا شڪايتن بابت سوال ڪيو جنهن تي عمران خان جيل ۾ سهولتن جي حوالي سان ڪا به شڪايت نه ڪئي.

عدالت جيل سپرنٽنڊنٽ کي جيل مينوئل تحت عمران خان کي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ اِهو به حڪم ڏنوته جيل سپرنٽنڊنٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي صحت لاءِ تمام سهولتون مهيا ڪري .

فيصلي موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين جي بشريٰ بي بي سان ڌار ملاقات جو وقت وڌائڻ جي درخواست ڪئي وئي جنهن تي اٽڪ جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

عدالتي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته جاچ آفيسر طرفان سائفر ڪيس جو چالان اڃا تائين جمع ناهي ڪرايو ويو، چاج آفيسر چالان جمع ڪرڻ لاءِ وقت گهريو آهي، جاچ آفيسر کي چالان ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 26 سپٽيمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.