اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم کي هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا ميمبرن جي مقرري ڪندي انهن ماڻهن کان پاسو ڪيو وڃي، جن جي سياسي وابستگي هجي.
اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم جي سيڪريٽري توقير شاهه کي خط موڪليو آهي، اهو خط اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري طرفان لکيو ويو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته اهو عام تاثر آهي ته نگران حڪومت اڳوڻي حڪومت جو تسلسل آهي، هڪ سياسي جماعت تازي پريس ڪانفرنس ۾ ان ڏانهن نشاندهي ڪئي آهي، پريس ڪانفرنس ۾ نگران حڪومت تي الزام هنيو ويو ته اها اڳوڻي حڪومت جي وراثت وٺي رهي آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪابينا ميمبرن جي مقرري ڪندي انهن ماڻهن کان پاسو ڪيو وڃي، جن جي سياسي وابستگي هجي، سينيئر سول سرونٽس جي اهم عهدن تي مقرري وقت غير جانبداري کي سامهون رکيو وڃي.
You might also like