ڀارت ۾ نئين وائرس وگھي ٻه ڄڻا فوت، انتظاميا ۾ ٿرٿلو، الرٽ جاري

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ نيپا وائرس وگھي فوتگين کان پوءِ حڪومت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب ڀارت جي ڏکڻ رياست ڪيرالا ۾ نيپا وائرس سبب ٻه ڄڻا فوت ٿيا آهن جنهن ۾ هڪ شخص هلندڙ مهيني جي شروع ۾ وائرس وگھي فوت ٿيو جڏهن ته ٻيو 30 آگسٽ
ميڊيا رپورٽس موجب وائرس سبب فوت ٿيلن ٻنهي شهرين جي ٽيسٽ هاڪاري آئي هئي جنهن ۾ نيپا وائرس ظاهر ٿيو هو جڏهن ته ڪيرالا رياست ۾ 2018ع کان هيل تائين ان وائرس سبب 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
صحت جي عالمي اداري موجب نيپا وائرس جانورن مان لڳندڙ وائرس آهي جڏهن ته وائر هاڃيڪار کاڌن ۽ متاثر شخص مان به لڳي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن وائرس ۾ مبتلا شخص ۾ ان جي ڪا به علامت ظاهر نٿي ٿئي پر ڪڏهن ڪڏهن متاثر شخص کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، اهو وائرس دماغ کي سخت نقصان پهچائي ٿو.
ميڊيا رپورٽس موجب ان وائرس جي نتيجي ۾ فوتگين جرح تمام گھڻي آهي جڏهن ته في الحال ان جي ڪا به دوا يا ويڪسين موجود ناهي.
ڀارتي صحت واري وزير جو ان حوالي سان چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ڪيرالا رياست ۾ ان صورتحال تي نظر رکڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ماهرن جي هڪ ٽيم روانو ڪري ڇڏي آهي.
ڪيرالا جي صحت واري وزير جو چوڻ هو ته وائرس وگھي فوت ٿيلن سان رابطي ۾ رهندڙ 168 ڄڻن جون به ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.