عمر عطا بنديال چيف جسٽس هائوس خالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ججز ڪالوني ۾ چيف جسٽس هائوس خالي ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال 16 سيپٽمبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي ۽ هن ججز ڪالوني ۾ چيف جسٽس هائوس خالي ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس ججن لاءِ مختص گهر ۾ منتقل ٿي ويو آهي، جڏهن ته نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هلندڙ هفتي چيف جسٽس هائوس منتقل ٿي ويندو.
واضح رهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 17 سيپٽمبر تي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.