ڪراچي ۾ وڏي واردات، فيڪٽري ملازمن سان ڀريل بس مان ڦر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ هٿياربندن ليدر گارمينٽس فيڪٽري جي ملازمن سان ڀريل بس مان ڦرلٽ ڪئي.
پوليس ذريعن موجب ليدر گارمينٽس فيڪٽري ڪورنگي جا ملازم بس ۾ وڃي رهيا هئا ته ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار 6 هٿياربندن بس ۾ گهڙي 70 ڄڻن کان هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڦر جي اها واردات شاهه فيصل ڪالوني نمبر 3 ۾ المصطفيٰ اسپتال ڀرسان ٿي، جوابدارن 65 موبائل فونون ڦر ڪيون.
پوليس ذريعن موجب 8 عورتون ۽ ڊرائيور سوڌو 63 مرد بس ۾ موجود هئا، جوابدارن پرس ۽ روڪ رقم به ڦر ڪئي، مددگار 15 تي اطلاع ڏيڻ لاءِ به ڪا موبائل فون نه بچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.