خوشخبري! آءِ فونز سستا ٿي ويا

ايپل 12 سيپٽمبر تي پنهنجا نوان آءِ فونز، آءِ فون 15، 15 پلس، 15 پرو ۽ 15 پرو ميڪس متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.
پر نون آءِ فونز جي متعارف ڪرائڻ سان گڏ ڪمپني طرفان پراڻن ماڊلز جي قيمت ۾ نمايان گھٽتائي ڪئي وئي آهي.
ايپل طرفان آءِ فون 13، آءِ فون 14 ۽ آءِ فون 14 پلس جي قيمتن ۾ 100 ڊالرز گھٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
سئو ڊالرز جي گھٽتائي کان پو3 2021 جي آءِ فون 13 هاڻ 599 ڊالرز (هڪ لک 78 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندي.
اهڙيءَ طرح آءِ فون 14 خريد ڪرڻ لاءِ 699 ڊالرز (2لک 8 هزار پاڪستان رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته آءِ فون 14 پلس لاءِ 799 ڊالرز (2 لک 38 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) خرچ ڪرڻا پوندا.
هاڻ آءِ فون ايس اي (2022) ان ڪمپني جو سستو ترين فون آهي.
آءِ فون ايس اي جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي ۽ اها 429 ڊالرز (هڪ لک 28 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو.
ان سان گڏوگڏ ڪمپني طرفان آءِ فون 12، آءِ فون 13 مني، آءِ فون 14 پرو ۽ آءِ فون 14 پرو ميڪس جو وڪرو روڪڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
اهي فونز هاڻ مارڪيٽ ۾ ته متان ملي وڃن پر ايپل جي آفيشل چينلز تان اهي نه ملندا.
واضه رهي ته آءِ فون 13مني کي 2021ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو پر ننڍي اسڪرين جي ڪري اها مشهور نه ٿي سگھي.
اهڙيءَ طرح آءِ فون 12 کي 2020ع ۾ پيش ڪيو ويو هو جڏهن ته آءِ فون 14 پرو ۽ 14 پرو ميڪس 2022 ۾ متعارف ڪرايا ويا هئا.
انهن پراڻن آءِ فونز ۾ آءِ او ايس 17 آپريٽنگ سسٽم کي اپ گريڊ ڪرڻ ممڪن هوندو.
واضح رهي ته آءِ فون 15 جون 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 799 ڊالرز جڏهن ته آءِ فون 14 پلس جو 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 999 ڊالر ۾ دستياب هوندو.
اهڙيءَ طرح آءِ فون 15 پرو جي قيمت 999 ڊالرز کان شروع ٿيندي جيڪا 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل هوندو.
آءِ فون 12 پرو ميڪس جي قيمت 1199 ڊالرز کان شروع ٿيندي جيڪو 256 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.