رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت عورت لاءِ مناسب عمري جي لباس جي حوالي سان ٽي ضابطا واضح ڪري ڇڏيا.
وزارت سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي بيان ۾ چيو ته عورتون عمري لاءِ سادي لباس جي چونڊ ڪن.
وزارت موجب لباس ڍِلو هجڻ گھرجي جيڪو جسم جي ڪنهن به حصي کي ظاهر نه ڪري.
وزارت جو چوڻ هو ته عورتون عمري لاءِ مسجد الحرام ايندي وقت ڪو به لباس پهري سگھن ٿيون جيڪو ٽنهي ضابطن تي پورو لهي.
Prev Post
You might also like